بابا صلاح الدين جو مقبرو

بابا صلاح الدين جو مقبرو

بابا صلاح الدين

بابا صلاح الدين 1320هه/1902ع ڌاري چترال ۾ ڄائو. سندس والد پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو، بابا صلاح الدين اسلاميه اسڪول پشاور مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ عليڳڙهه روانو ٿيو. بي. اي ڪرڻ کان پوءِ ديوبند جي دارالعلوم مان ديني تعليم حاصل ڪيائين، هڪ مرحلي تي تارڪ ٿي، جهنگ وسايائين، جتي قدرتي نظارن جي مشاهدي ۾ مشغول رهيو. ڪجهه وقت ڪلير ۾، بارگاهه مخدوم علاؤالدين صابري ڪليري رحه ۾ قيام ڪيائين، پوءِ اجمير شريف ۾ خواجه معين الدين چشتي غريب نواز جي آستاني تي رهيو. اجمير کان پوءِ دهلي، لاهور، ملتان ۽ سرهند جي اوليائن جي مزارن تي حاضري ڏنائين. بعد ۾ 1951ع ۾ پاڻ مستقل طور حيدرآباد سنڌ ۾ اچي رهيو، جتي ڏينهن جو مولا عليءَ جي قدمن ڀرسان بٺارن ڀوڳڙين وٽ رهندو هو ۽ رات سخي عبدالوهاب شاهه جيلانيءَ جي درگاهه تي گذاريندو هو. 11 جولاءِ کان 13 جولاءِ 1963ع تائين سيوهڻ ۾ قلندر شهباز جي مزار تي قيام ڪيائين. ائين سفر ۽ حضر ۾ زندگيءَ جا ڏهاڙا گذاريندي 20 صفر 1383هه/ مطابق 13 جولاءِ 1963ع تي قلندر شهباز جي مزار تي وفات ڪيائين. سندس مزار ڪوٽڙيءَ ۾ ريلوي ورڪشاپ ويجهو قومي شاهراهه جي ڀر ۾ موجود آهي، جتي عقيدتمند هر سال سندس عرس ملهائيندا آهن.


لفظ بابا صلاح الدينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1902.00.00  عيسوي

بابا صلاح الدين 1320هه/1902ع ڌاري چترال ۾ ڄائو


1963.07.13  عيسوي

بابا صلاح الدين سفر ۽ حضر ۾ زندگيءَ جا ڏهاڙا گذاريندي 20 صفر 1383هه/ مطابق 13 جولاءِ 1963ع تي قلندر شهباز جي مزار تي وفات ڪيائين



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڊپٽي نذير احمد
شاهه عبدالرحمٰن سنڌي
حاجاڻو محمد يعقوب مولانا
آخوند فيض محمد
مخدوم امير احمد
شهاب الدين ڪٽوهر مولوي
ديبلي ابراهيم
عبدالغني منصور سيال
عبدالرزاق قاضي ترائيءَ وارو مولوي
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون